بازار قصايان

بازار قصايان: ٺٽي شهر جي مشهور بازار، جيڪا ترخانن جي دور ۾ ٺٽي شهر جي ڏاکڻي حصي ۾ هئي. ٻاهران جيڪي ماڻهو شهر ۾ داخل ٿيندا هئا، تن کي هن بازار مان لنگهڻ کانسواءِ ٻيو گس نه هوندو هو، تنهنڪري هندو واپارين کي انهيءَ علائقي مان گذرڻ تي تڪليف ٿيندي هئي، جو عام طرح هن بازار ۾ ڳائي گوشت جو گهڻو وهنوار هو. نواب مريد خان، جيڪو نئون مسلم هو، ٺٽي شهر ۾ آيو، تڏهن هن شهر جي قاضي محمد حسين ڏانهن پيغام موڪليو ته مون سان گڏ راجپوت گهڻي تعداد ۾ آهن، تنهنڪري في الحال احتراماً گوشت جي بازار بند ڪرائجي. پر قاضي صاحب گوشت جي دڪانن بند ڪرائڻ بجاءِ دڪانن کي وڌيڪ سينگارڻ جو حڪم ڏنو. مجبور ٿي نواب صاحب کي، راجپوت لشڪر سميت انهيءَ بازار مان لنگهي حاڪم ڏانهن وڃڻو پيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو